هوائي اڏامن جي صورتحال معمول تي اچڻ ۾ چار سال لڳي سگهن ٿا

اسلام آباد: انٽرنيشنل ايئرٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن(آياٽا) جي ڊائريڪٽر جنرل اليگزينڊر ڊي جيونياڪ جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ هوائي اڏامن جي صورتحال معمول تي اچڻ ۾ 4 سال لڳي سگهن ٿا.

ڊائريڪٽر جنرل اليگزينڊر ڊي جيونياڪ چيو آهي ته ايئر ٽريفڪ جي بحالي مختلف ملڪن ۾ سرحدون کولڻ سان مشروط آهي.

  اڳ اميد ڪئي پئي وئي ته هوائي سفر جي صورتحال 2023 تائين معمول تي اچي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ايئر ٽريفڪ جي ڪورونا وائرس سبب اڳ واري صورتحال 2024 تائين بحال نٿي ٿي  سگهي.

واضح رهي ته ڪورونا وائرس سبب  سڄي دنيا ۾ هوائي آپريشن معطل آهي جنهن سبب ايئر ٽريفڪ انڊسٽري سخت متاثر ٿي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔