وزيراعظم سان ملاقات دوران ڪراچي جو ڪيس پيش ڪندس: عمران اسماعيل

ڪراچي: سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ڪراچي جو حال ڏسي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي. پر مان جتي ويٺو آهيان اتي ماڻهن رت جا ڳوڙها وهائڻ لاءِ ناهي موڪليو. 

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته وزيراعظم اڄ مون کي اسلام آباد گهرايو آهي جنهن ۾ ڪراچي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. ڪراچي جي معاملي کي چڱي طريقي سان ڏسي رهيا آهيون.

سنڌ جي گورنر چيو ته اسان ڪراچي کي اڪيلو نه ڇڏينداسين ۽ وزيراعظم جي سامهون ڪراچي جو ڪيس پيش ڪندس. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته ڪراچي کي لاڳيتو نظر انداز ڪيو پيو وڃي. شهر سان لاڳيتو ظلم ڪيو پيو وڃي. ڪراچي کي يتيم ۽ لاوارث نٿو ڇڏي سگهجي.  ڪنهن کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو.

عمران اسماعيل وڌيڪ چيو ته الله نه ڪري جيڪڏهن شهر ۾ 100 ملي ميٽر برسات پئجي وئي ته حالتون ڪنٽرول جهڙيون نه هونديون. هن چيو آهي ته مون کي اميد آهي ته وزيراعظم جي ٽيم به ڪراچي جي لاءِ ڪجهه سٺو سوچيو هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔