عمر اڪمل کي رليف ، ميچ فڪسنگ ڪيس ۾ لڳايل پابندي 3 سالن مان گهٽائي 18 مهينا ڪئي وئي

ڪراچي : پاڪستاني ڪرڪيٽر عمر اڪمل کي رليف ملي ويو، ميچ فيڪسنگ ڪيس ۾ لڳايل پابند 3 سال مان گهٽائي 18 مهينا ڪئي وئي، آزاد ايڊجوڊيڪٽر جسٽس رٽائرڊ فقير محمد عمر اڪمل جي اپيل تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ڪرڪيٽر عمر اڪمل فيصلي تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پابندي ۾ گهٽتائي ٿيڻ تي هو الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪري ٿو، عمر اڪمل مٿان پي سي بي جَي ائنٽي ڪرپشن ڪوڊ جِي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 3 سال پابندي لڳائي وئي هئي، ڪرڪيٽر عمر اڪمل پابندي خلاف اپيل داخل ڪئي، عدالت طرفان 13 جولاءِ تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔