آسٽريليا : ڪينگروز فٽبال گرائونڊ تي قبضو ڪري ورتو !!

ڪينبرا: آسٽريليا ۾ ڪينگروز هڪ فٽبال گرائونڊ ۾ داخل ٿيا ۽ ڪجه ئي وقت اندر رانديگرن کي ٻاهر ڪڍي ميدان تي قبضو ڪري ورتو.
ميڊيا رپورٽن مطابق هڪ وڊيو ۾ ڪجهه ڪينگروز فٽبال گرائونڊ ڏانهن ڊوڙندي نظر اچن ٿا . اهو واقعو آسٽريليا جي مير ميبولا شهر ۾ پيش آيو ، جتي ڪيترائي ڪينگروز فٽبال ميچ دوران ميدان ۾ داخل ٿيا ۽ رانديگرن ۽ تماشائين کي ٻاهر ڪڍي گرائونڊ تي قبضو ڪيو.
گهڻو ڪري مداح انهن شرارتي ڪينگروز جي ڌمڪين سان حيران ٿي ويا ۽ انهن کي فٽبال سان پيار ڪندڙ ڪوٺيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔