شوبز شخصيتون ملڪ ۾ يوٽيوب تي امڪاني پابندي جي خلاف

ڪراچي : سپريم ڪورٽ طرفان يوٽيوب تي پابندي جي اشاري کان پوءِ پاڪستان شوبز شخصيتون سامهون اچي ويون.
سپريم ڪورٽ طرفان يوٽيوب تي پابندي بابت اشاري کان پوءِ يوٽيوبر ز ۽ فنڪارن پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.
گھڻا فنڪار يوٽيوب تي پابندي جي مخالف ۾ نظر آيا ۽ سڀني پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي پي ٽي اي کي ڪجهه مشورا به ڏنا.
ان بابت اداڪارا مهوش حيات چيو ته يوٽيوب تي واقعي پابندي لڳي ويندي؟ پوءِ ڇا ان کان پوءِ ٽوئيٽر، انسٽاگرام، فيس بڪ، نيٽفليڪس سوڌو واٽس ايپ سان به ڪجهه اهڙو ئي ٿيندو؟. اداڪارا چيو ته اظهار راءِ جي آزادي ڪنهن به معاشري جو بنيادي حق هوندو آهي. پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا زريعي ئي اصل ڪهاڻيون سامهون اينديون آهن ۽ ترقي يافته رياستن کي پابندي جو سهارو وٺڻ جي ضرورت ناهي پوندو.
اداڪار علي بٽ انسٽاگرام اسٽوري ۾ چيو ته پي ٽي اي رڳو پابندي ئي ڇو لڳائيندي آهي، اهي مواد کي ڪنٽرول ڇو نٿو ڪيو وڃي؟
سندس چوڻ هو ته فنڪارن سوڌو ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي يوٽيوب ذريعي مناسب طريقي سان ڪمائيندا آهن، پابندي سان کان گھڻو بهتر آهي ته حفاظتي قدمن تي ڌيان ڏنو وڃي.
اداڪارا زارا نور عباس چيو ته هونئن ئي ان ڪورونا وبا سبب ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي پنهنجو نوڪريون وڃائي ويٺا آهن ۽ پاڪستان ۾ اهڙا گھڻا ماڻهو آهن جيڪي يوٽيوب ذريعي ڪمائيندا آهن، ان صورتحال ۾ پابندي کان بهتر آهي ته اعتراض جوڳي مواد کي هٽايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔