سنڌ حڪومت شادي هال کولڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي؛ سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي شادي هالن جي مالڪن جي پريشانين جو احساس آهي.
هن چيو ته هو شادي هالن ۾ ڪم ڪندڙ ڏهاڙي دار ملازمن جي خراب حالت کان به واقف آهي.
ناصر شاهه چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪري زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن.
ميرج هال جي وفد سان ملاقات دوران هن چيو ته شادي هال تي پابندي ختم ڪرڻ بابت جلد فيصلو ڪنداسين پر جلد بازي ۾ ڪو به فيصلو وڏي نقصان جو سبب ٿي سگهي ٿو.
صوبائي وزير ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان ڏس ۾ ڪجهه اجلاس ڪيا آهن.
هن وفد کي ٻڌايو ته ڪورونا وائرس جي شدت ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ سمورين واپاري مصروفيتن کي کولڻ تي غور ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔