چوهٺ سالن کان وار نه ڪٽرائيندڙ عورت جا وار ڇهه ميٽر ڊگها ٿي ويا

هنوئي: ويٽنام ۾ هڪ اهڙي بزرگ عورت موجود آهي جنهن 64 سالن کان وار نه ڪٽرايا آهن ۽ هاڻ سندس اهي وار ڪنهن وڏي نانگ جيان 6 ميٽر تائين ڊگها ٿي چڪا آهن.ميڊيا رپورٽ موجب ويٽنام جي صوبي بين ٽري سان تعلق رکندڙ 83 ساله نيگيو تهائي وين ٻڌايو ته جڏهن مان 19 سالن جي هئس ته منهنجي والدين منهنجا وار ڪٽرايا جنهن کان پوءِ منهنجي مٿي ۾ سخت تڪليف شروع ٿي وئي. ۽ علاج کان پوءِ به صحيح نه ٿيو پر وار وڌڻ شروع ٿيا ته تڪليف ۾ لاڳيتو گهٽتائي ايندي وئي ۽ ان کان پوءِ مون ڪڏهن به پنهنجا وار ناهن ڪٽرايا.ماهرن جو چوڻ آهي ته منهنجا وار ساليانو 10 سينٽي ميٽر وڌيا آهن مون ڪڏهن به صابڻ يا شيمپو سان پنهنجا وار ناهن ڌوتا ان جو سبب به هن مٿي ۾ سور ٻڌايو آهي. هن جي 83 سالن جي عمر ۾ صحت ڏسڻ جهڙي آهي. جنهن جو سبب هن سٺي خوراڪ ٻڌائي


جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔