يوٽيوب تي پابندي مسئلي جو حل ناهي : تانيه ادروس

اسلام آباد: وزيراعظم جي ڊجيٽل معاونت بابت خاص صلاحڪار پاڪستان تانيه ادروس چيو آهي ته يوٽيوب جهڙي پليٽفارم تي پابندي مسئلي جو حل ناهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ اسپيشل اسسٽنٽ تانيه ايڊروس چيو ته يوٽيوب تي 3 سالن لاءِ پاڪستان ۾ پابندي وڌي وئي ، جنهن جي ڪري اسان جي مواد لکڻ وارن کي تمام گهڻي تڪليف آئي ، هاڻ اهو موقعو آهي تيزي سان ترقي ۽ هزارين ماڻهن لاءِ روزگار پيدا ڪرڻ جا موقعا پيدا ڪيا وڃن.
تانيه ايڊروس وڌيڪ چيو ته اسان کي پاليسي ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي مواد جي بهتر معيار کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ، پابندي لڳائڻ جهڙا قدم ڪنهن کي به فائدو نه ڏيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔