ايمازون جي سربراهه جيف بيزوس جي دولت ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 13 ارب ڊالرن جي واڌ

لنڊن: آن لائن واپاري ڪمپني ايمازون جي سربراهه ۽ ارب پتي جيف بيزوس جي دولت ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 13 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي آهي جيڪا ڪنهن به ماڻهو جي لاءِ هڪ ڏينهن جي دولت ۾ سڀني کان وڌيڪ واڌ آهي.
عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا جي معيشت خطري ۾ آهي پر ان وبا کان جيڪڏهن ڪنهن کي صحيح معنيٰ ۾ فائدو ٿيو آهي ته اهو آهي ايمازون جو باني جيف بيزوس کي ٿيو آهي. بلوم برگ جي ارب پتي انڊيڪس موجب ايمازون جي باني جيف بيزوس هن سال پنهنجي قدر ۾ 74 ارب ڊالرن کان 189.3 ارب ڊالرن جي واڌ نظر آئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔