سعودي حڪومت پاران عيدالاضحيٰ دوران مسجدالحرام کي بند رکڻ جو فيصلو

رياض: سعودي حڪومت عيدالاضحيٰ جي دوران مسجدالحرام کي بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
عرب خبرون ڏيندڙ اداري موجب حڪومت طرفان اهو فيصلو ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ سعودي اختيارين جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال حج جي تيارين ۾ عازمين جو تحفظ اولين ترجيحات ۾ شامل آهي. سعودي اختيارين حج جي سلسلي ۾ ڪيل منصوبه بندي جو پهريون مرحلو مڪمل ٿيڻ جو اعلان ڪندي پانڌيئڙن جي تحفظ تي زور ڏنو.
مسجدالحرام جي سيڪيورٽي تي مامور فورس جي ڪمانڊر ميجر جنرل محمد ال احمدي چيو آهي ته عالمي وبا ڪورونا وائرس جي هلندڙ صورتحال کي ڏسندي اسان هن سال بنيادي طور تي صحت جي پهلو تي ڌيان آهي ۽ ان سلسلي ۾ باقي مرحلن تي ايندڙ ڏينهن دوران عمل ڪيو ويندو.
عرب ميڊيا موجب ميجر جنرل ال احمدي مسجدالحرام ۾ داخلا ۽ ٻاهر نڪرڻ جي دوران پانڌيئڙن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ سماجي وٿي ۽ ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ بهتر حفاظتي قدمن جي نئين انتظامن کان به آگاهه ڪيو. هن چيو ته ڪعبي ۽ صفا موره جي وچ ۾ عبادت جي لاءِ رستن جي به چونڊ ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔