براؤزنگ خاص خبرون

خاص خبرون

وزير اعظم جي سعودي ولي عهد سان ملاقات، 5 معاهدن تي صحيحون

رياض: پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ 5 معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿي ويون آهن. وزير اعظم عمران خان ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب پهتو ته هن جو جده ايئر پورٽ تي شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان هن جو استقبال ڪيو.…

سعودي ولي عهد وزير اعظم جي پاڪستاني دوري جي دعوت خوشي سان قبول ڪئي: شاهه محمود

جده: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان وزير اعظم عمران خان جي پاڪستان جي دوري جي دعوت خوشي سان قبول ڪئي آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو جده ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان…

لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي ضمانت جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 رڪني فل بينچ مسلم ليگ ن جي صدر محمد شهباز شريف جي ضمانت جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس علي باقر نجفي، جسٽس شهباز رضوي ۽ جسٽس عاليه نيلم تي ٻڌل 3 رڪني فل بينچ 27 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. فيصلي…

حڪومت پاران شھباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ تي عدالت وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد: حڪومت پاران شھباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ تي عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، حڪومت شھباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جي فيصلي خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ فواد چوڌري چيو آھي تھ سڌ سماءَ…

شھباز شريف کي روڪڻ مان ثابت ٿيو تھ سليڪٽڊ ڪيترا ڊنل آھن:مريم نواز

لاھور: نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جعلي حڪومت عدالتي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي، شهباز شريف کي ايئرپورٽ تي روڪڻ مان ثابت ٿيو ته سليڪٽڊ ڪيترا ڊنل آهن.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل پنهنجي ٽوئٽ بيان ۾ مريم نواز چيو ته…

هر پاڪستاني کي قرضي بڻائڻ عمران خان جي جدوجهد آهي: بلاول

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان 25 سال ان ڪري جدوجهد ڪئي جو هو هر پاڪستاني کي قرض هيٺان دٻائي سگهي، هر هڪ پاڪستاني کي پوڻا 2 لک جي قرض هيٺان دٻائڻ لاءِ عمران خان جهدو جهد ڪئي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته…

شھباز شريف پرڏيھھ نھ وڃي سگھيو، لاھور ايئرپورٽ کان گھر واپس

لاھور: لاهور ايئرپورٽ تي نون ليگ جَي صدر شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو، اميگيريشن اختيارين موجب سسٽم ۾ اڃا تائين سندس نالو بليڪ لسٽ ۾ آهي، شهباز شريف ايئرپورٽ اختيارين کي عدالتي حڪمنامو به ڏيکاريو، ڏيڍ ڪلاڪ انتظار ڪرڻ بعد واپس گهر…

سنڌ حڪومت ملازمن بابت نيب کي تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ حڪومت نيب پاران گهريل سرڪاري ملازمن جا تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت ايس اينڊ جي اي ڊي آءِ جي سنڌ سميت ٻين کاتن کي لکيل خط واپس وٺي ڇڏيو، قانوني ماهرن سان مشوري بعد وڏي وزير جي هدايتن تي سروسز کاتي جي اختيارين پاران…

رمضان جا آخري ڪجهه ڏينهن ۽ عيد سادگي ۽ احتياط سان ملهايو: اسد عمر

اسلام آباد: منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته رمضان المبارڪ جا آخري ڪجهه ڏينهن ۽ عيد سادگي ۽ احتياط سان ملهايو. اين سي او سي جي سربراهه وفاقي وزير اسد عمر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته الله جي…

ناڻي واري وزير جو سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن سسٽم ۾ سڌارن جو فيصلو

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته پي اينڊ پينشن ڪميشن سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن جي سڌارن لاءِ پلان تيار ڪري پيش ڪري. ناڻي واري وزارت موجب ملاقات لاءِ آيل پي اينڊ اينڊ پينشن ڪميشن جي سربراهه نرگس سيٺي سان ڳالهيون…