لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي ضمانت جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 رڪني فل بينچ مسلم ليگ ن جي صدر محمد شهباز شريف جي ضمانت جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس علي باقر نجفي، جسٽس شهباز رضوي ۽ جسٽس عاليه نيلم تي ٻڌل 3 رڪني فل بينچ 27 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته پراسيڪيوشن مان اخلاقيات جي اعليٰ معيار جي اميد ڪئي ويندي آهي، عوامي عهدي تي ڪرپٽ شخص اچي وڃي ته جمهوري نظام تي عوام جو اعتماد چڪنا چور ٿي ويندو آهي. عوامي نمائندي تي ڪرپشن جي الزامن سان سياسي نقصان رسي ٿو جيڪو شڪست جو هڪ قسم آهي، پبلڪ آفيس هولڊر کي سئو سيڪڙو مسٽر ڪلين هئڻ گهرجي، فرد جي آزادي جي بنيادي اصولن کي نظر ۾ رکڻ عدالت جي ذميواري آهي، آزادي جي بنيادي اصولن تي ضمانت منظور يا رد ڪئي ويندي آهي. فيصلي ۾ وڌيڪ لکيو ويو ته شهباز شريف تي 26 ڪروڙ 90 لک جي اثاثن جو الزام ته هنيو ويو پر ڪو ثبوت نه ڏنو ويو، شهباز شريف جا آمدني کان وڌيڪ اثاثا ثابت ڪرڻ لاءِ ڪا به جاچ ناهي، نيب اعتراف ڪيو ته شهباز شريف تي ڪڪ بيڪس يا ناجائز رقم وصول ڪرڻ جو الزام ناهي، بي دلي سان شهباز شريف کي ڏوهاري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش جي باوجود نيب ثبوت ڏيڻ جي ذميواري کان بري نٿو ٿي سگهي، الزام ثابت ڪرڻ جو سڄو بار هميشه پراسيڪيوشن تي هوندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔