اوگرا ايل اين جي جي قيمت ۾ مئي لاءِ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اوگرا مئي جي لاءِ ايل اين جي جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي. سوئي سدرن جي سسٽم تي ايل اين جي جي اگهه ۾ 0.49 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو جڏهن ته سوئي ناردرن لاءِ ايل اين جي جي قيمت 10.25 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي. نوٽيفڪيشن موجب اپريل ۾ سوئي ناردن لاءِ ايل اين جي جي قيمت 9.76 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر هئي جڏهن ته اوگرا سوئي سدرن جي لاءِ ايل اين جي جي قيمت ۾ به 0.49 ڊالر في ايم بي ٽي يو جي واڌ ڪري ڇڏي، سوئي نادرن جي لاءِ ايل اين جي جي قيمت 9.96 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي. اوگرا ايل اين جي جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔