سعودي ولي عهد وزير اعظم جي پاڪستاني دوري جي دعوت خوشي سان قبول ڪئي: شاهه محمود

جده: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان وزير اعظم عمران خان جي پاڪستان جي دوري جي دعوت خوشي سان قبول ڪئي آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو جده ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان جي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ هن جي ڪابينا جا اهم ميمبر به موجود هئا، منهنجي سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان آل سعود سان به ويهڪ ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته مون کي اِهو ٻڌائيندي ڏاڍي خوشي پئي محسوس ٿئي ته انهن ملاقاتن جو ماحول انتهائي دوستاڻو هو ۽ جيڪا گرمجوشي ڏيکاري پئي وئي ان سان مستقبل جي راهن جي مقرري واضح نظر اچي ٿي.ڍ هٿن وڌيڪ چيو ته ان سعودي عرب جي دوري دوران، ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان پاڻ وزير اعظم جي آجيان ڪرڻ لاءِ آيو، وفد جي سطح تي ڳالهين کان پوءِ اسان جي هڪ سمال گروپ ملاقات ٿي، ان ملاقات ۾ وزير اعظم عمران خان، آرمي چيف ۽ آئون موجود هياسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔