وزير اعظم جي سعودي ولي عهد سان ملاقات، 5 معاهدن تي صحيحون

رياض: پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ 5 معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿي ويون آهن. وزير اعظم عمران خان ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب پهتو ته هن جو جده ايئر پورٽ تي شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان هن جو استقبال ڪيو. شهزادي محمد بن سلمان طرفان وزير اعظم عمران خان کي مانجهاندو ڏنو ويو ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ون آن ون ملاقات به ٿي جڏهن ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي به ملاقات ٿي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سعودي پاڪستان سپريم ڪو آرڊينيشن ڪونسل جي قيام، سزا يافته ڏوهارين جي ڏي وٺ، ڏوهن جي خلاف سهڪار، ماحوليات ۽ توانائي جي منصوبن جي فريم ورڪ ايگريمنٽ ۽ منشيات ۽ ورڪرز ريڪروٽمنٽ جي مفاهمتي ياداشتن تي به صحيحون ڪيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔