عمران يعقوب منهاس ڪراچي پوليس جو نئون ايڊيشنل آءِ جي مقرر

ڪراچي: اي آءِ جي غلام نبي ميمڻ کي تبديل ڪري عمران يعقوب منهاس کي ڪراچي پوليس جو نئون ايڊيشنل آءِ جي مقرر ڪيو ويو.

تفصيل موجب سنڌ پوليس پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي کي عهدي تان هٽائي ان کي اسپيشل برانج ۾ بدلي ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب عمران يعقوب منهاس ڪراچي پوليس جو نئون چيف مقرر ڪيو ويو.

ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عمران يعقوب منهاس جي بدلي جي منظوري ڏني هئي .

ان کان اڳ عمران يعقوب منهاس ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ مقرر هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔