سنڌ حڪومت ملازمن بابت نيب کي تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ حڪومت نيب پاران گهريل سرڪاري ملازمن جا تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت ايس اينڊ جي اي ڊي آءِ جي سنڌ سميت ٻين کاتن کي لکيل خط واپس وٺي ڇڏيو، قانوني ماهرن سان مشوري بعد وڏي وزير جي هدايتن تي سروسز کاتي جي اختيارين پاران نيب کي تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سنڌ حڪومت موقف اختيار ڪيو آهي ته نيب کي اختيار ناهي ته هو ڪامورن جي ڊوميسائيل تي مقررين جا تفصيل وٺي. سروسز کاتي جي اختيارين پاران وڏي وزير جي هدايتن کان اڳ نيب کي تفصيل ڏيڻ لاء مختلف کاتن کي هدايتون به جاري ڪيون هيون. ذريعن موجب سروسز کاتي جي اختيارين پاران وڏي وزير جي هدايتن کان اڳ نيب کي تفصيل ڏيڻ لاءِ مختلف کاتن کي هدايتون به جاري ڪيون هيون، سيڪريٽري سروسز جو چوڻ آهي ته نيب سمورن کاتن ۾ مقررين جا تفصيل ورتا هئا، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ٻهراڙين جو ڊوميسائيل رکندڙ سوين ملازم ۽ ڪامورا آھن، اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻهراڙين جي ڊوميسائيل رکندڙ ملازمن جي شهرن ۾ مقرري جي رولز ۾ گنجائش موجود آهي، واضح رهي ته نيب پاران سنڌ سرڪار کان سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين کي خط لکي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مقرر هڪ کان 22 گريڊ جي ملازمن جا تفصيل گهريا ها، سنڌ سرڪار وري نيب جي ليٽر جي روشني ۾ سمورن کاتن کان حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مقرر ٻهراڙين جو ڊوميسائل رکندڙ ڪامورن جي ڊيٽا گهرائي هئي ۽ وفاقي صلاحڪار شهزاد اڪبر ٻهراڙي جو ڊوميسائيل رکندڙ ملازمن جي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مقررين واري معاملي تي اعتراض واريا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔