سنڌ حڪومت کان ملازمن جا تفصيل طلب ڪرڻ وارونيب جو عمل آئين جي ابتڙ قرار

ڪراچي: قومي عوامي تحريڪ جَي صدر اياز لطيف پليجو چيو آهي ته وفاقي حڪومت کي جَن معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ گهرجي، اُن تي خاموش آهي، جتي کين مداخلت جو اختيار ناهي، اُتي مداخلت ٿي ڪري، نيب سنڌ جَي هزارين سالن جي تاريخ کي چئلينج پيو ڪري، آئين ۽ قانون صوبائي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت ئي نه ٿا ڏين، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجو چيو ته نيب جو ملازمن بابت رڪارڊ گهرڻ آئين ۽ قانون جي ابتڙ آهي، جنهن جي هر فورم تي مذمت ۽ مزاحمت ڪنداسين. ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته نيب سڀ چور پڪڙي ڇڏيا، ملڪ ۾ ڦرلٽ جا ذميوار وائکا ڪري ڇڏيا هاڻي اچي سنڌ تي يلغار ڪئي اٿئون، ايس ٽي پي سربراهه وفاق ۽ نيب جو صوبائي معاملن ۾ مداخلت سنڌ تي صوبائي خودمختياري تي حملو قرار ڏئي ڇڏيو، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ حڪومت جي لاپرواهي سبب سنڌ جي ماڻهن جو استحصال ٿي رهيو آهي، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ اياز لطيف پليجو طرفان عيد بعد قومپرست تنظيمن سان گڏجي معاملي تي تحريڪ هلائڻ تي غور ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔