شھباز شريف پرڏيھھ نھ وڃي سگھيو، لاھور ايئرپورٽ کان گھر واپس

لاھور: لاهور ايئرپورٽ تي نون ليگ جَي صدر شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو، اميگيريشن اختيارين موجب سسٽم ۾ اڃا تائين سندس نالو بليڪ لسٽ ۾ آهي، شهباز شريف ايئرپورٽ اختيارين کي عدالتي حڪمنامو به ڏيکاريو، ڏيڍ ڪلاڪ انتظار ڪرڻ بعد واپس گهر هليو ويو، شهباز شريف کي پرڏيهي اڏام ذريعي قطر ۽ پوءِ لنڊن وڃڻو هو، ٻئي پاسي نواز ليگ جِي ترجمان مريم اورنگزيب جِي شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ جِي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي، مريم اورنگزيب چيو آھي تھ عمران خان ۽ شهزاد اڪبر جي حڪم تي شهباز شريف کي روڪيو ويو،اِهو عمل توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو، سسٽم اپڊيٽ نه ٿيڻ جِي دعوي ٰ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، حڪمران ڪريل حرڪتن تي لهي آيا آهن، معاملي کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو به اعلان پڻ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔