ملير: بحريه ٽائون جي ڏاڍائين تي نيٺ سنڌ سرڪار جاڳي پئي

ملير: گڏاپ جي ڳوٺن تي بحريا ٽائون جي مسلسل قهري ڪاروائين خلاف وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي اڳواڻي ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ اهم اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، ملير مان چونڊيل ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو، ايم پي اي محمد سليم بلوچ، ايم پي اي راجا رزاق بلوچ، اڳوڻو ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ، ڊي سي ملير گهنور خان لغاري، ايس ايس پي ملير عرفان بهادر ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ بحريا ٽائون انتظاميا جي ملير جي ڳوٺن مٿان چڙهائين متعلق ملير جي چونڊيل نمائندن وزيراعليٰ سنڌ کي تفصيلي آگاهي ڏني، اجلاس بعد ايم پي اي سليم بلوچ ملير جي صحافين کي اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن متعلق ٻڌائيندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واقعي جو سختي سان نوٽيس ورتو، جنهن کانپوءِ گذريل رات صوبائي وزير ناصر شاهه سان گڏ ملير جي چونڊيل نمائندن جي وفد اسپتال ۾ داخل زخمي ڳوٺاڻن جي عيادت ڪئي ۽ متاثر ڳوٺن جو دورو ڪرڻ بعد رپورٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ کي پيش ڪئي، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اڄوڪي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، جنهن ۾ فوري طور تي اسسٽنٽ ڪمشنر گڏاپ، مختيارڪار گڏاپ ۽ ايس ايڇ او گڏاپ کي غيرذميواري ۽ لاپرواهي جو مظاهرو ڪرڻ تي عهدن تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٻئي فيصلي ۾ وزيراعليٰ سنڌ ڊي سي ملير کي حڪم جاري ڪندي چيوته سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق بحريا ٽائون کي الاٽ ٿيل زمين جي ڊمارڪيشن ڪري حدبندي ڪئي وڃي ۽ مستقبل ۾ ڪنهن به نجي اداري کي ڪو حق حاصل نه هوندو ته سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري. اجلاس ۾ اهو فيصلو پڻ ڪيو ويو ته بحريا ٽائون جي سيڪيورٽي انتظاميا پاران ڪاٺوڙ جي ڪمال خان جوکيو ڳوٺ ۾ مقامي ڳوٺاڻن تي فائرنگ ۽ ڳوٺاڻن کي زخمي ڪرڻ ۾ ملوث سيڪيورٽي عملي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو ۽ قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي، ايم پي اي سليم بلوچ وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملير جا نمائندا گڏاپ جي ڳوٺاڻن سان هر ڏکئي وقت گڏ بيٺل آهن،ڳوٺاڻن سان ٿيل زيادتي جو ازالو ڪيو ويندو، ڪنهن به ڳوٺ کي ڊاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔