هر پاڪستاني کي قرضي بڻائڻ عمران خان جي جدوجهد آهي: بلاول

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان 25 سال ان ڪري جدوجهد ڪئي جو هو هر پاڪستاني کي قرض هيٺان دٻائي سگهي، هر هڪ پاڪستاني کي پوڻا 2 لک جي قرض هيٺان دٻائڻ لاءِ عمران خان جهدو جهد ڪئي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته قرضن خلاف ڪوڙي مهم هلائيندڙ پي ٽي آءِ سرڪار 33 ارب ڊالرز کان وڌيڪ قرض ورتو آهي، عوام کي ڪفايت جو درس ڏيندڙ عمران حڪومت جا شاهي خرچ تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن، هن چيو آهي ته عوام کي معاشي ٽيم جو لالي پاپ ڏيڻ وارو عمران خان جي حڪومت سخت شرطن تي قرض وٺي پنهنجي آمدني کان 10 کرب روپيا وڌيڪ خرچ ڪري چڪي آهي، صرف بجلي جي شعبي ۾ اڍائي کرب ۽ گئس جي شعبي ۾ گردشي قرض 350 ارب رپين کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي، هن چيو آهي ته ڪڏهن قرض نه وٺڻ جو اعلان ڪندڙ عمران خان جي حڪومت 9 مهينن ۾ اڍائي کرب رپين تي ٻڌل ملڪي ناڻي جو 82 سيڪڙو حصو قرضن جي ادائگي ۾ هليو ويو، پي ٽي آءِ حڪومت جي حالت هي آهي جو عوام ۽ واپارين جي ٽيڪسز جا 710 ارب رپيا واپس نه ڪري هڪ نئون گردشي قرض پيدا ڪري چڪي آهي، جڏهن 650 رب روپين جو ترقياتي پروگرام کان حڪومت مالي سال جي 11 هين مهيني ۾ به صرف 40 سيڪڙو خرچ ڪندي ته معاشي ترقي جا هدف ڪيئن پورا ٿيندا، هن چيو آهي ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ تي واهه واهه ڪرڻ وارو عمران خان ڇو نٿو ٻڌائي ته هو سمنڊ پار پاڪستانين کان 7 سيڪڙو سود تي هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ وٺي چڪو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔