بلاول بحريه ٽائون ۽ مقامي ماڻهن وچ ۾ ٿيل واقعي جو نوٽيس ورتو

ڪراچي: صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بحريه ٽائون ۽ مقامي ماڻهن جي وچ ۾ ٿيل واقعي جو نوٽيس ورتو آهي، ان سلسلي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گڏاپ جي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪار کي هٽائي ڇڏيو، پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ ناصر شاهه چيو آهي ته ايس ايڇ او گڏاپ کي به علائقي ۾ امن امان برقرار نه رکڻ جي ڪري کيس هٽايو ويو، ناصر شاهه موجب وڏي وزير جو چوڻ آهي ته اسان ڪنهن جي خلاف زيادتي ٿيڻ نه ڏينداسين، مقامي ماڻهن جي حقن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو، ناصر شاهه چيو آهي ته وڏي وزير واقعي جي مڪمل جاچ ڪرڻ جي هدايت به ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔