پشاور:مھمند ۾ ٽانڪي جي ڀت ڪرڻ سبب 7 ٻار فوت

پشاور: ڪي پي جي علائقي مهمند ۾ پاڻي جي ٽانڪي جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 7 ٻارڙا فوت ٿي ويا، ريسڪيو ذريعن موجب ٻارڙا پاڻي جي ٽانڪي جي هيٺان کيڏي رهيا هئا ته اوچتو ڀت ڪري پئي، فوت ٿي ويل ٻارڙن ۾ 12 ورهين جو ريحان، 6 سالن جو عماد الله، 8 سالن جو فرمان الله، 8 سالن جي نفيسه دحتر، 6 سالن وجيه دحتر، 4 سالن جي مروه دحتر، 5 سالن جو منيبه دحخت گلبدين شامل آهن جڏهن ته 8ورهين جو فهد زخمي ٿي، فوتي ٻارڙن جا لاش ۽ زخمي نينگر کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔