ناڻي واري وزير جو سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن سسٽم ۾ سڌارن جو فيصلو

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته پي اينڊ پينشن ڪميشن سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن جي سڌارن لاءِ پلان تيار ڪري پيش ڪري. ناڻي واري وزارت موجب ملاقات لاءِ آيل پي اينڊ اينڊ پينشن ڪميشن جي سربراهه نرگس سيٺي سان ڳالهيون ڪندي ناڻي واري وزير شوڪت ترين سرڪاري ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن سسٽم جي سڌارن ميڊيم ٽرم ۽ ڊگهي مدي وارو پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آح . ناڻي واري وزير چيو ته ان مسئلي جو شارٽ ٽرم عارضي حل ناهي، سرڪاري ملازمن جي لاءِ ڪارڪردگي جي بنياد تي پگهارن جو نظام آڻڻ جي ضرورت آهي، ملازمن جون پگهارون ۽ هنن جي ڪارڪردگي کي سلهاڙڻ باب پلان تيار ڪيو وڃي، سٺي ڪارڪردگي وارن ملازمن جون پگهارون سٺيون آهن سرڪاري ملازمن جي موجوده ورڪ فورس کي ريشنلائز بڻائڻ جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔