براؤزنگ خاص خبرون
خاص خبرون
ڪوئٽه سميت بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ برسات، برفباري، ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي
ڪوئٽه: ڪوئٽه سميت بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ برسات ۽ برفباري سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي. زيارت، ڪوڙڪ، ٽاپ، پراڻا چمن، شيلا باغ ۾ برفباري پئي جڏهن ته ڪوڙڪ ٽاپ تي برفباري سبب چمن، ڪوئٽه، ڪراچي شاهراهه تي ٽريفڪ متاثر رهي. اين ايڇ اي طرفان هيوي…
18هين ترميم ۾ وڌيڪ بهتري جو رستو آئين ۾ موجود آهي: راڻا ثناءُالله
اسلام آباد: وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته 18هين ترميم اتفاق راءِ سان منظور ٿي هئي، پر انهي اتفاق راءِ جي ذريعي انهي ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي.
نجي ٽي جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته…
ايران ۾ احتجاجي مظاهرن دوران ڪيترا هزار ماڻهو مارجي ويا، حيران ڪندڙ انگ اکر جاري
تهران: ايران جي سرڪاري ميڊيا جي رپورٽن موجب ملڪ ۾ تازن احتجاجي مظاهرن جي دوران گهٽ ۾ گهٽ 3.117 ماڻهو مارجي ويا آهن. اهو احتجاج ڊسمبر جي آخر ۾ شروع ٿيا هئا جنهن جي باري ۾ انساني حقن جي تنظيمن جو چوڻ آهي ته انهن کي سخت ڪارروائي ذريعي چيڀاٽيو…
پهريون ڀيرو ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ بسون متعارف ڪرايون آهن: شرجيل ميمڻ
ڪراچي: سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ، خاص طور تي ڪراچي شهر ۾ اليڪٽرڪ بسون متعارف ڪرايون آهن. هي ويزن پاڪستان پيپلز پارٽي جي…
تعليم تي 500 ارب خرچ باوجود اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر!
اسلام آباد: انسٽيٽيوٽ آف سوشل اينڊ پاليسي سائنسز جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ تعليم لاءِ مجموعي خرچ 500 ارب رپين تائين پهچي چڪا آهن پر ان جو وڏو بار حڪومت نه پر عوام پاڻ کڻي رهيو آهي ۽ اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. 15هين…
آءِ فون 18 جي پهرين جهلڪ ۽ تفصيل ليڪ
ايپل جي نئين آءِ فون 18 سيريز کي متعارف ڪرائڻ ۾ اڃا ڪيترائي مهينا باقي آهن، پر ان جي پرو ماڊل جي امڪاني ڊيزائن جي پهرين جھلڪ سامهون اچي وئي آهي.
هڪ ليڪ ٿيل وڊيو ۾ آءِ فون 18 جي هڪ غير آفيشل جھلڪ ڏسڻ ۾ آئي آهي.
هي وڊيو جون پروسر طرفان…
يو اي اي کان پوءِ بحرين به غزه بورڊ آف پيس ۾ شموليت جي آمريڪي دعوت قبولي ورتي
دبئي: متحده عرب امارات کان پوءِ بحرين به غزه بورڊ آف پيس ۾ شموليت جي آمريڪي دعوت قبول ڪري ورتي آهي.
بحرين جي پرڏيهي وزارت موجب آمريڪا طرفان ڏنل غزه بورڊ آف پيس ۾ شموليت جي دعوت کي شاهه بحرين حماد بن عيسيٰ آل خليفه قبول ڪري ورتو.…
گل پلازه سانحي ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 29 ٿي ويو
ڪراچي: گل پلازه سانحي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 29 ٿي ويو آهي. ريسڪيو اهلڪارن طرفان گل پلازه جو ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري آهي جتان کان هڪ لاش جا ڪجهه حصا مليا آهن جنهن کي فوري طور تي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ريسڪيو اختيارين جو چون آهي…
مريم اورنگزيب جي ٽرانسفارميشن, بشريٰ انصاري ۽ زارا نور جي داد
لاهور : پاڪستان جي مشهور اداڪاره بشريٰ انصاري ۽ زارا نور عباس به مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ مريم اورنگزيب جي ٽرانسفارميشن جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ نه رهي سگهيون. مريم اورنگزيب کي تازو ئي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر جي…
جنوري کان جون دوران 18 ميگا اسپورٽس ايونٽس منعقد ڪرڻ جو اعلان
ڪراچي: سنڌ حڪومت جنوري کان جون 2026 دوران 18 ميگا اسپورٽس ايونٽس منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔
مارچ جي آخري هفتي ۾ ننگرپارڪر ۾ ٿر جيپ ريلي ڪرائي ويندي، جنهن جو ٽريڪ 150 ڪلوميٽر تائين وڌايو ويو آهي۔ 19هين سنڌ گيمز اپريل جي پهرين هفتي ۾…