ايران ۾ احتجاجي مظاهرن دوران ڪيترا هزار ماڻهو مارجي ويا، حيران ڪندڙ انگ اکر جاري

تهران:  ايران جي سرڪاري ميڊيا جي رپورٽن موجب ملڪ ۾ تازن احتجاجي مظاهرن جي دوران گهٽ ۾ گهٽ 3.117 ماڻهو مارجي ويا آهن. اهو احتجاج ڊسمبر جي آخر ۾ شروع ٿيا هئا جنهن جي باري ۾ انساني حقن جي تنظيمن جو چوڻ آهي ته انهن کي سخت ڪارروائي ذريعي چيڀاٽيو ويو.

ايرائي فائونڊيشن جي بيان موجب مارجي ويلن ۾ 2.427 ماڻهن کي اسلامي اصطلاح ۾ شهيد قرار ڏنو ويو آهي جن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار به شامل آهن. سرڪاري موقف موجب اهو احتجاج اصل ۾ پرتشدد فساد هئا جن جي پٺيان پرڏيهي عناصر خاص طور تي آمريڪا جو هٿ هو.

ٻئي طرف انساني حقن جي تنظيمن جو چوڻ آهي ته هزارين مظاهرين جيڪي سياسي، سماجي تبديلي جو مطالبو ڪري رهيا هئا، سيڪيورٽي فورسز جي سڌو سنئون فائرنگ سبب مارجي ويا. ايراني اختيارين موجب احتجاج جي دوران سوين سرڪاري، نجي عمارتن کي نقصان پهتو صرف تهران ۾ 314 سرڪاري عمارتن کي نشانو بنايو ويو جڏهن ته 155 عمارتن کي باهيون ڏنيون ويون انهي کان علاوه بينڪن، دڪانن، مسجدن ۽ بسون کي به باهيون ڏنيون ويون.

تهران ميونسپل اختيارين پرڏيهي صحافين کي شهر جي مختلف متاثر علائقن جو دورو ڪرايو جتي سڙيل بسون، موٽر سائيڪلون ۽ مسجد جا تباهه ٿيل حصا ڏيکاريا ويا. بس آپريشن جي سربراهه موجب 8 جنوري تي احتجاج عروج تي هو جنهن دوران 22 بسون مڪمل طور تي سڙي ويون.

ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ ايران ۾ مهانگائي جي خلاف احتجاج ڪيو ويو جنهن سبب انٽرنيٽ سروس به معطل رهي جڏهن ته ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جا واقعا به پيش آيا هئا.

 

تبصرے بند ہیں۔