18هين ترميم ۾ وڌيڪ بهتري جو رستو آئين ۾ موجود آهي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد:  وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته 18هين ترميم اتفاق راءِ سان منظور ٿي هئي، پر انهي اتفاق راءِ جي ذريعي انهي ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي.

نجي ٽي جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته آئين جو پورو ڍانچو اصلاح جي اجازت ڏئي ٿو انهي معاملي تي انهي جي موقف تي سنجيده ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.

گل پلازه ڪراچي ۾ باهه جي واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي راڻا ثناءُالله چيو ته انهي سانحي جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي ته پلازه جي اضافي منزلن جي منظوري ڪنهن ڏني ۽ اهي ڪڏهن تعمير ٿيون؟ واقعي ۾ ذميوارن جو احتساب تمام گهڻو ضروري آهي.

پي ٽي آءِ بابت ڳالهين ۾ هن چيو ته عمران خان ماضي ۾ هر ملاقات کي رياست ۽ ادارن جي خلاف استعمال ڪندو رهيو آهي، انهي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ملاقاتن جو باقاعده طريقيڪار طئي ڪري ڇڏيو آهي. عدالتي فيصلي کان پوءِ هاڻ انهي معاملي ۾ وسوسا نه رهڻ گهرجن.

ضلعي حڪومت جي حوالي سان راڻا ثناءُالله چيو ته مقامي سطح تي مسئلن جي حل لاءِ ضلعي حڪومتن کي بااختيار بنائڻ آئين جي گهرج آهي. جيستائين اختيار هيٺين سطح تائين منتقل نه ٿيندا عوام کي پيش ايندڙ بنيادي مسئلا حل نٿا ٿي سگهن.

دفاع واري وزير خواجه آصف جي بيان تي تبصرو ڪندي وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته اسيمبلي ۾ هر ميمبر کي راءِ جي اظهار جو حق حاصل آهي، خواجه آصف به ذاتي راءِ ڏني هئي جيڪا پارٽي پاليسي نه هئي، هن چيو ته ذاتي راءِ کي ذاتي ئي رهڻ گهرجي.

تبصرے بند ہیں۔