وزيراعظم پاران ريئل اسٽيٽ جو ريگيولر ادارو قائم ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ريئل اسٽيٽ جي شعبي جي ريگيوليٽري اداري جي قائم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي صوبن کي هدايت ڪئي آهي ته اڏاوت ۽ رهائشي رٿائن جي آن لائن منظوري ۽ ون ونڊو فيسلٽي لاءِ هڪ روڊ ميپ تيار ڪن .

اسلام آباد ۾هائوسنگ بابت قومي رابطا ڪاميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم عمران خان صوبائي چيف سيڪريٽرين کي ون ونڊو فيسلٽي ۽ اجازت نامن ،فيسن جي ادائگي ۽هائوسنگ سيڪٽر بابت مڙني شعبن جي ٻين ڪمن جي آن لائن منظوري لاءِ هڪ هفتي ۾ روڊ ميپ جمع ڪرائڻ جوحڪم ڏنو آهي

وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته حڪومت ان سلسلي ۾ نظام کي سولو ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان سهولت مان فائدوحاصل ڪري سگهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔