ن ليگ عيد کان پوءِ حڪومت خلاف روڊن تي نڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته عيد کانپوءِ ن ليگ حڪومت خلاف روڊن تي هوندي.

هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي جاويد لطيف جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ٻن مختلف نظرين جون پارٽيون آهن پر ماضي ۾ ٻنهي پارٽين گڏجي به ڪم ڪيو آهي

حڪومت مٿان ڇوههَ ڇنڊيندي ميان جاويد لطيف جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان ٻن سالن ۾ مخالف ڌر کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ انهن  تي ڪيس ڪرايا .

هن چيو ته عيد کانپوءِ هو حڪومت خلاف روڊن تي ايندا ، احتجاج جو فيصلو ن ليگ ڪري چڪي آهي باقي طريقي ڪار اي پي سي ۾ طئي ڪيو ويندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔