نيب قانون تي حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڌار ڌار راءِ آهي:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد : نيب قانون ۾ تبديلي لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، حڪومت اڄ نيب بابت تيار ڪيل مسودو اپوزيشن کي پيش ڪندي، پارليامينٽ جي قانونسازي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نيب قانون تي حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڌار ڌار راءِ آهي، ايف اي ٽي ايف بابت بل تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي. شاهه محمود قريشي چيوآهي ته حڪومت جو پنهنجو ۽ اپوزيشن جو پنهنجو موقف آهي، اجلاس ۾ اپوزيشن سان گڏجي قانوني معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ ۽ اپوزيشن جي راءِ کي نظر ۾ رکي اڳتي وڌڻو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ايف اي ٽي ايف سان لاڳاپيل بلز تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي،ڪوشش آهي ته پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف گري لسٽ مان ڪڍي. شاهه محمود قريشي چيوته 24 رڪني پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ سومرو تي پارلياماني ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔