ڪي اليڪٽرڪ پاران ڪمرشل ميٽرز تي به اوور بلنگ ،سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ جي اور بلنگ خلاف ملز انتظاميه جي درخواست تي پهرين لاڳاپيل فورمز سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ جي اور بلنگ خلاف داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ وقف اختيار ڪيو ويو ته ڪي اليڪٽرڪ پاران هاڻي ڪمرشل ميٽرز تي به اور بلنگ ٿي رهي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته فيڪٽري جي يونٽس جي حساب سان لڳ ڀڳ 15 لک رپيا بل ٺهي ٿو پر ڪي اليڪٽرڪ هڪ ڪروڙ رپين تائين بل اماڻي ڇڏيو آهي. عدالت درخواستگذار کي هدايت ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ جي اور بلنگ خلاف پهرين لاڳاپيل فورمز سان رابطو ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔