اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پب جي گيم تان پابندي ختم ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پب جي گيم تان پابندي هٽائي ڇڏي، هاءِ ڪورٽ پب جي گيم بابت ڪمپني پاران داخل ڪيل درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ڪمپني جي وڪيل گيم تان پابندي هٽائڻ جي درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته پي ٽي اي پاران پب جي گيم کي بند ڪيو ويو آهي، پب جي گيم نوجوانن ۾ تمام گهڻي مقبول آهي ۽ گيم ڪمائي جو به هڪ وڏو ذريعو آهي. عدالت اهڙي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي گيم تان پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔