چوپائي مال جي غيرقانوني پِڙين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

اسلام آباد: قرباني واري عيد تي ايس او پيز جي حوالي سان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو چوڻ آهي ته چوپائي مال جي غيرقانوني پِڙين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيا ويندا ۽ ڪنهن به غيرقانوني پِڙي کي قائم ڪرڻ يا ان کي هلائڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي هدايتن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عيد جي ميڙاڪن کان پاسو ڪيو وڃي، سڀئي تفريحي ماڳ عيد تي بند رهندا

هيلٿ گائيڊ لائين تي عمل ڪرڻ لاءِ وفاق، صوبا، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ انتظاميا وڏي پيماني پر ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي .

منظور ٿيل چوپائي مال جي پِڙين ۾ ڏنل ضابطن تي عمل ڪرائڻ لاءِ سڄي انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔