پاڪستان گڏيل قومن جي اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل جو صدر چونڊجي ويو

نيويارڪ: پاڪستان گڏيل قومن جي اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل جو گڏيل اتفاق سان صدر چونڊجي ويو آهي

پاڪستان ان عهدي تي ڇهون ڀيرو چونڊيو آهي ،اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل گڏيل قومن جو هڪ اهم ادارو آهي

پاڪستان جو گڏيل قومن ۾مستقل عيوضي منير اڪرم ڪائونسل جي صدارت ڪندو. منير اڪرم اڳ۾ 2005 ۾ به اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل جو صدر رهي چڪو آهي .

گڏيل قومن جي تاريخ ۾ رڳو ٻه سفارتڪار هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ان عهدي تي رهيا آهن

منير اڪرم پنهنجي پهرين خطاب ۾پاڪستان جي صدر طور ترجيحن تي روشني وڌي ، هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دنيا کي هن وقت ڪيترائي مسئلا پيش آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔