سون جي اگهه ۾ اضافو جاري، چاندي جي قيمت ۾ به واڌ، ڊالر ۽ پائونڊ ۾ لاٿ شروع

ڪراچي : سون جي مٿانهين اڏام، چاندي کي به پر لڳل، ڊالر ۽ پائونڊ ۾ لاٿ شروع، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾ سون 1760 رپين جي اضافي سان 115340 مان 117100 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي پڻ 123 رپين جي واڌ سان 1313 مان 1436 رپيا في تولو تي پهتي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 20 پئسا لاٿ سان 168.8 مان 168.6 رپيا ۽ برطانوي پائونڊ وري هڪ رپئي جي گهٽتائي سان 215 مان 214 رپيا ٿي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔