ڪورونا وبا سبب سول ايوي ايشن اٿارٽي کي 30ارب روپين کان وڌيڪ جو نقصان

لاهور: ڪورونا وبا دوران  عالمي  فضائي آپريشن جي گهٽتائي سبب سول ايوي ايشن اٿارٽي کي هينئر تائين 30 ارب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿي چڪو آهي.

رپورٽ موجب ڪورونا وبا سبب عالمي فضائي آپريشن جي بندش ۽ گهٽتائي جي ڪري سول ايوي ايشن اٿارٽي کي روزاني 20 ڪروڙ روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

سي اي اي کي 4 مهينن جي دوران 15 جولاءِ تائين ائرونائيڪل چارجز جي مد ۾ 28 ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي. جڏهن ته گڏيل طور تي اداري جو خسارو 30 ارب 50 ڪروڙ روپين کان مٿي ٿي ويو آهي. سي اي اي کي عالمي اڏامن جي مڪمل بحالي تائين هر هفتي وڌيڪ هڪ ارب 20 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. 

سينئر جوائنٽ سيڪريٽري ايوي ايشن ڊويزن عبدالستار کوکر موجب سڄي دنيا جيان پاڪستان  جي به هوائي آپريشن جي صنعت به متاثر ٿي آهي. روزاني هڪ هزار کان وڌيڪ اڏامون پاڪستان جي هوائي حدن مان گذرنديون هيون جيڪي هاڻ صرف 22 کان 25 سيڪڙو رهجي ويون آهن. جڏهن ته اوور فلائنگ گهٽ ٿيڻ سبب في اڏام تي هڪ هزار ڊالر جو نقصان ٿي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔