پاڪستان ۾ ڪرونا جي ايڪٽِو ڪيسز جو انگ 50 هزار رهجي ويو

اسلام آباد : ملڪ اندر ڪرونا وائرس جو زور ٽٽي پيو، ملڪ ۾ ايڪٽِو ڪيسز جو انگ 50 هزار رهجي ويو،   24 ڪلاڪن ۾ 17 سئو 63 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ مريضن جو انگ 2 لک 29 هزار 191 ٿي ويو.  نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ ڪرونا وڌيڪ 32 حياتيون ڳڙڪائي ويو،جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 5 هزار 709 تائين پهچي ويو. رپورٽس مطابق  سنڌ ۾ 2 هزار 60 ۽ پنجاب ۾ 21 سئو مريضن دم ڏئي ڇڏيو.  ڪي پي ۾ 11 سئو 58 ۽ بلوچستان ۾ 136 مريض ڪرونا وگهي جان جي بازي هارائي ويا. گادي واري شهر  اسلام آباد ۾ 162، آزاد ڪشمير ۾ 48 ۽ گلگت بلتستان ۾ 45 حياتيون وڃائي چڪا آهن. سنڌ ۾ ڪرونا متاثرن جو تعداد هڪ لک 15 هزار 213،ڪي پي ۾ 32 هزار 753، اسلام آباد ۾ 14 هزار 722،آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 961 ۽ بلوچستان ۾ 11 هزار 517 ٿي ويو. پنجاب ۾ متاثرن جو انگ 91 هزار  ۽ گلگت ۾ هڪ هزار 896 ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔