آصف زرداري خلاف پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌڻي 29 جولاءِ تائين ملتوي

اسلام آباد : اسلام آباد  جي احتساب عدالت اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جي خلاف پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌڻي 29 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي احتساب عدالت  اڳوڻي صدر آصف زرداري کي عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي. جج اعظم خان جي ٻين ڪيسن ۾ مصروفيتن سبب  اڄ بنا ٻڌڻي جي ڪارروائي کي ملتوي ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران آصف زرداري جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ به پيش نه ٿيو،هن جي اسسٽنٽ پيش ٿي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جمع ڪرائي. آصف زرداري جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي چار يا پنج آگسٽ تي مقرر ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔