چنڊ بابت تڪرار: مفتي منيب ۽ وفاقي وزير فواد چوڌري آمهون سامهون

ڪراچي: مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مفتي منيب الرحمان هڪ دفعو ٻيهر چنڊ جي تڪرار تي فواد چوڌري مٿان سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته  هي فواد چوڌري جي جهالت آهي جو هو پنهنجو پاڻ کي سائنس جو امام سمجهي ٿو.

وفاقي وزير سائنس ۽ ٽيڪنالاجي فواد چوڌري جي چنڊ بابت بيان تي رد عمل ۾ چيئرمين مرڪزي رويت هلال ڪميٽي مفتي منيب الرحمان چيو آهي ته چنڊ جي سائز سان تاريخ جو تعين فلڪيات سائنس جي ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي؟ جنهن شخص کي سائنس جو علم ناهي اهو پنهنجو پاڻ کي سائنس جو امام پيش ڪري رهيو آهي.

مفتي منيب الرحمان چيو ته فواد جي،  هي سائنس ۽ مذهب ٻنهي  جي اعتبار سان پهريون چنڊ هو. قمري مهيني جي 29 تاريخ تي چنڊ سج لهڻ کان پوءِ موجود هجي پر نظر  نه اچي ته اهو مهنيو 30 جو هوندو ۽ ٻئي شام تائين ان جي عمر 24 ڪلاڪ وڌي ويندي آهي ان لاءِ اهو ان حوالي سان وڏو نظر ايندو.

چيئرمين رويت هلال ڪميٽي جو چوڻ هو ته هي فواد چوڌري جي جهالت آهي جو هو پنهنجو پاڻ کي سائنس جو امام سمجهي ٿو. هن ٻڏتر واري حالت ۾ گذريل رات چنڊ کي ڏٺو ۽ چيو ته عوام پاڻ فيصلو ڪري. واضح رهي ته وفاقي وزير فواد چوڌري ذوالحج جي چنڊ بابت دعويٰ ڪئي هئي ته چنڊ 21 جولاءِ تي نظر ايندو ۽ عيدالاضحيٰ 31 جولاءِ تي ٿيندي. پر مرڪزي رويت هلال ڪميٽي سڄي ملڪ ۾ 21 جولاءِ تي چنڊ نظر نه اچڻ جو اعلان ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔