ملڪي تاريخ ۾ وزيراعظم عمران خان جيترا اين آر او ڪنهن به نه ڏنا آهن: بلاول ڀٽو

اسلام آباد : سُپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نيب غيرآئيني ادارو ٿي ويو، احتساب جو اهڙو ادارو آڻڻ گهرجي، جيڪو اپوزيشن سان گڏ حڪومت، ججز ۽ جرنيل جو به احتساب ڪري، پ پ چيئرمين پي ٽي آءِ سرڪار کي نيب ختم ڪري احتساب جو نئون ادارو قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي پيپلزپارتي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته ملڪي تاريخ ۾ وزيراعظم عمران خان جيترا اين آر او ڪنهن به نه ڏنا آهن، دهشتگرد احسان الله احسان کي اين آر او ڏئي آزاد ڪيو ويو، اٽي، کنڊ ۽ تيل چورن کي به اين آر او ڏنو ويو، هاڻي وري ڀارتي جاسوس ۽ دهشتگردي ڪلڀوشن ياديو کي اين آر او ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪلڀوشن جي حوالي سان آرڊيننس تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي کي به اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي، وزيراعظم پنهنجي هر بيان ۾ دهشتگردن جي مخالفت نه ڪئي، قومي اسيمبلي ۾ بلاول ڀٽو جي خطاب بعد اپوزيشن ميمبرز واڪ آئوٽ ڪري ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔