سُپريم ڪورٽ ڪرپشن جي ڪيسز تي فيصلن ۾ دير جو ذميوار نيب کي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد : نيب آفيسرز ۾ اهليت ۽ صلاحيت نه آهي، نيب ۾ جاچ جو معيار پرکڻ لاءِ ڪوبه نظام نه آهي، سُپريم ڪورٽ ڪرپشن جي ڪيسز تي فيصلن ۾ دير جو ذميوار نيب کي قرار ڏئي ڇڏيو، لاکڙا پاور پلانٽ جي اڏاوت ۾ مبينا گهوٻين واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته ريفرنس داخل ٿيڻ کانپوءِ نيب پنهنجون غلطيون سُڌارڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويندو آهي، نيب جي جاچ آفيسرن کي قانوني پاسن جي خبر ناهي هوندي، جاچ سالن جا سال هلندي آهي ۽ ماڻهو سالن تائين نيب ۾ ڦاسي پوندا آهن، 30 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيڻ بدران ماڻهو 30 سالن تائين ڦاٿل هوندا آهن، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نيب جي ريفرنس ۾ ڪوبه معيار ناهي هوندو، ريفرنس جا بُنياد ئي غلط هوندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔