وقت اچي ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي ڪرپشن خلاف جاچ ۽ ڪارروائي ڪئي وڃي:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي : سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پي ٽي آءِ کانسواءِ ڪرپشن جو لفظ نٿو لکي سگهجي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي ڪرپشن خلاف جاچ ۽ ڪارروائي ڪئي وڃي.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته پام پلانٽيشن پاڪستان ۾ ناهي ٿيندي، بينظير ڀٽو جو خواب هو ته پام آئل سان وڻ پاڪستان ۾ لڳايا وڃن، سنڌ جي ماحوليات کاتي طرفان ٺٽي ضلعي ۾ پام پلانٽيشن جي شروعات ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته پام آئل کي امپورٽ ڪرڻ لاءِ 4 ارب ڊالر ساليانو خرچ ڪيا ويندا آهن، ٺٽي جي علائقي ڪاٺوڙ ۾ پام آئل جا وڻ لڳايا هئا، اهي هاڻ ثمر ڏيڻ لڳا آهن، چين مان هيوي مشينري اچي وئي آهي، ايندڙ مهيني ثمر مان تيل ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏينداسين.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي پام آئل جي ڪوالٽي ملائيشيا سميت ٻين ملڪن جهڙي آهي، 15 سئو ايڪڙن تي پام آئل وڻ وڌيڪ لڳايا ويندا ته جيئن اسان پام آئل جي امپورٽ مان جان ڇڏائي سگهون، سنڌ حڪومت جي ڪوششن سان ساليانو 4 ارب ڊالر خرچ گهٽائي سگهبو.

مرتضيٰ وهاب چيو ته پي ٽي آءِ ڪرپشن جو ٻيو نالو آهي، ملڪ بحرانن ۾ ڦاٿل آهن، مافياز کي سپورٽ ڪرڻ سبب مهانگائي چوٽ چڙهي وئي، وزيراعظم کنڊ اسڪينڊل ۾ سڌي ريت ملوث آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جو بحران آهي، وزيراعظم نوٽيس به وٺي ڇڏيو آهي پر هن جڏهن به نوٽيس ورتو، غريب جو استحصال ٿيو آهي.

سندس چوڻ هو هاڻ وقت اچي ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي ڪرپشن خلاف جاچ ٿئي، جن ماڻهن پاڪستاني عوام جو استحصال ڪيو آهي ۽ انهن کي نقصان پهچايو آهي، اهڙن نالي ماتر ليڊرن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔