انصاف واري عالمي عدالت جي فيصلي ۾ ڦاسي پيا آهيون: شيرين مزاري

اسلام آباد: انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته اسان انصاف واري عالمي عدالت جي فيصلي ۾ ڦاسي پيا آهيون.

قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي شيرين مزاري چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ آئون پاڻ ۽ شايد نويد قمر به شريڪ هئا ۽ ٻنهي پارٽين اعتراض ڪيا هئا ته انصاف واري عالمي عدالت جو دائري ڪار ڇو قبول ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته جيڪڏهن هڪ ملڪ ۾ انصاف واري عالمي عدالت جو دائري ڪار قبول نٿو ڪري ته اُهو ڪيس ناهي ٻڌو ويندو، شيري رحمان ۽ مون حقيقتن جي بنياد تي ان حوالي سان اعتراض واريا.

وفاقي وزير چيو ته سينيٽر شيري رحمان ۽ مون چيو هو ته ڪيس جو دفاع ڪرڻ لاءِ پرڏيهي کاتي جو نمائندو موڪليو اُهو به غلط آهي.

شيرين مزاري جو ڪلڀوشن ياديو جو ڪيس پاڪستان مسلم ليگ ن انصاف واري عالمي عدالت جو دائرو ڇو قبول ڪيو، وڪيل مقرر ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو اختيار ڪيو ويو، اسان پهرين ڏينهن چيو هو ته هن وقت جي حڪومت ڪلڀوشن ياديو جو ڪيس قبول ڪري غلطي ڪئي اِهو رڳو اسان جي نه پر پيپلز پارٽي جو به موقف هو.

هن چيو ته اسان جي پاليسي اِها نه هجڻ گهرجي ته ان جو دائري ڪار قبول نه ڪيون پر جڏهن قبول ڪيو ته ان جو فيصلو به مڃڻو پوندو.

وفاقي وزير چيو ته پڇو ته مودي جو يار ڪير هو؟، آءِ سي جي جو دائري ڪار ڪنهن قبول ڪيو هو؟ اسان انهن جي ڪوتاهين جي ڪري انصاف واري عالمي عدالت جي فيصلي مان ڦاسي پيا آهيون انهن کي اِهو قبول ئي نه ڪرڻ گهرجي ها.

شيرين مزاري چيو ته ن ليگ اِها مصيبت اسان جي ملڪ ۾ وڌي جيڪا انهن آڻڻ گهربي هئي، آءِ سي جي ۾ ڪيس ڇو وڙهيو ويو؟

هن چيو ته هو ته اسان واضح ڪيو هو ته دائري ڪار قبول ڪرڻ نه گهرجي ها اِها هن جي علطي آهي.

بعد ۾ ڊپٽي اسپيڪر بلاول ڀٽو طرفان ڪورم جي نشاندهي کان پوءِ ڪورم مڪمل ٿيڻ تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔