سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، بلاول ان تي ڇو نه ٿو ڳالهائي: مراد سعيد

اسلام آباد :مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته پ پ چيئرمين قومي اسيمبلي ۾ تقرير کانپوءِ ڪورم جي نشاندهي ڪئي ۽ سڀ فرار ٿي ويا، ايوان مان فرار ٿيڻ سان ثابت ٿي ويو ته پرچي جي سياست ڪهڙي هوندي آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد سعيد چيو اڄ ته بلاول ڪمال ڪري ڇڏيو، ايترو خوف جو جواب ٻڌڻ بنا ئي ايوان مان هليو ويو، بلاول کي علم هو ته جواب ۾ ايوان لاءِ ڪو موجود آهي پر ٻڌڻ جي همت نه ڪري سگهيو.

هن چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جي سرگرمين کي توهان ڪڏهن بحث جو حصو ڇو نه بڻايو؟ ريمنڊ ڊيوس کي جنهن موڪليو، ان جي قوم کي خبر آهي، ريمنڊ ڊيوس خلاف احتجاج ڪندڙن تي لٺبازي ڪئي وئي، ڊرون حملن بابت آصف زرداري ڪجهه نه ڪيو.

سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان تي بلاول نٿو ڳالهائي، وڪي ليڪس ڪهڙو انڪشاف ڪيو آصف زرداري ڄاڻي ٿو، ڊرون حملن تي آمريڪا حيرت جو اظهار ڪيو، آصف زرداري آمريڪا کي چوندو آهي ڊرون هلڻ ڏيو اسان سنڀالينداسين.

مراد سعيد موجب جي آءِ ٽي ۾ جيڪي ڳالهيون سامهون آيون، انهن کان بلاول ڊنل آهي، ڇو ته ان ۾ سندس پيءُ جو نالو آهي، بلاول کي علم ئي ناهي ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، بلاول جي گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ رڳو نيب ئي نيب هو، انصاف جي عدالت ۾ نواز شريف جي بيان کي ڀارت اسان جي خلاف استعمال ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔