عالمي برادري والاريل ڪشمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري: آمريڪي ڪانگريس ميمبر

نيويارڪ: ڀارت غير قانوني لاڪ ڊائون جي شڪايت تي والاريل ڪشمير ۾ ڪورونا جي پکڙجڻ جي آڙ ۾ وڌيڪ پابنديون هنيون.

ڪورونا پکڙجڻ جي آڙ ۾ قابض انتظاميا وادي ۾ هڪ هفتي کان سخت لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

وادي ڪشمير ۾ ڪورونا وبا جي دور ۾ ڪميونيڪيشن جو بليڪ آئوٽ آهي، ميڊيا تي پابنديون آهن، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪيون پيون وڃن ۽ اُتي هاڻ ڪورونا وبا وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.

ان بابت آمريڪا جي ري پبليڪن ميمبر ڪانگريس اسٽيوواٽڪنز ايوان کي خطاب ۾ چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني هقن جي صورتحال پهرين ئي ڳڻتي جوڳي آهي ۽ هاڻ ڀارت علائقي کي پي پي اي ۽ اهم سامان جي فراهمي به روڪي ڇڏي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔