حڪومت ڪشمير جي حوالي سان ڪا قومي پاليسي ناهي ٺاهي:سراج الحق

اسلام آباد: جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته حڪومت ڪشمير جي حوالي سان ڪا قومي پاليسي ناهي ٺاهي.

پريس ڪانفرنس ڪندي سراج الحق چيو افسوس جو اسان جي حڪومت ڪا واضح پاليسي ناهي ٺاهي سگهي، وزيراعظم جي گڏيل قومن جي تقرير جي حمايت ڪئي وئي، جيڪڏهن ڪشمير تقريرن سان آزاد ٿئي ها ته ماضي ۾ ڪيتريون ئي تقريرون ٿي چڪيون، حڪومت هر جمعي تي احتجاج جو اعلان ڪيو هو، جيڪو رڳو ڪجهه هفتا ٿيو.

هن چيو ته ڪمزور پرڏيهي پاليسي سبب اسان دنيا جي حمايت حاصل نه ڪري سگهياسين، هڪ سال جي عرصي ۾ ڀارت سلامتي ڪائونسل جو غير مستقل ميمبر چونڊجي ويو، دبئي ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن ڀارت سان لاڳاپا مضبوط ڪيا، ڀارتي سرڪار کي عرب ملڪن اعزازن سان نوازيو.

سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير وڏي جيل جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، ڀارت آزاد ڪشمير تي به قبضو چاهي ٿو، آزاد ڪشمير تي به مسلسل حملا ٿي رهيا آهن.

سراج الحق چيو ته 5 آگسٽ تي اسان مذمت جو ڏينهن ملهائينداسين، 5 آگسٽ تي اسان ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔