وفاقي حڪومت پاران سُپريم ڪورٽ جي حڪم تي 120 نيون احتساب عدالتون قائم ڪرڻ کان لاچاري ظاهر

اسلام آباد: نيون عدالتون قائم ڪرڻ لاءِ مالي ۽ قانون گهرجون پوريون ڪرڻيون پونديون، وفاقي حڪومت سُپريم ڪورٽ جي حڪم تي 120 نيون احتساب عدالتون قائم ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي، قانون واري وزارت سُپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل اڳڀرائي رپورٽ ۾ احتساب عدالتن ۾ التوا جو شڪار ڪيسز جا تفصيل به شامل ڪري ڇڏيا، رپورٽ ۾ قانون واري وزارت چيو آهي ته عدالتي حڪم تحت 5 احتساب عدالتن ۾ ججز جون خالي جايون ڀرڻ لاءِ سمري اُماڻي وئي آهي، 120 احتساب عدالتون قائم ڪرڻ لاءِ ساليانو 2 ارب 86 ڪروڙ رُپيا بجيٽ جي ضرورت آهي، تنهن هوندي عدالتون قائم ڪرڻ لاءِ صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن، سُپريم ڪورٽ طرفان 8 جولاءِ تي جاري ٿيل فيصلي ۾ 120 نيون عدالتون قائم ڪرڻ ۽ 5 احتساب عدالتن ۾ ججز مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔