مسلم ليگ(ن) ۽ پ پ وچ ۾ حڪومت خلاف گڏيل جدوجهد جي حوالي سان اتفاق

لاهور: مسلم ليگ(ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وچ ۾ حڪومت جي خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻ جي حوالي سان معاملا طئي ٿي ويا. 

ذريعن موجب بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف اتفاق ڪيو آهي ته حڪومت هٽايو تحريڪ 3 مرحلن ۾ هلائي ويندي. ذريعن موجب آل پارٽيز ڪانفرنس  اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف جي ميزباني هيٺ ٿيندي.

جنهن ۾ سمورين سياسي  ۽ مذهبي  پارٽين کي به اعتماد ۾ وٺڻ جي لاءِ صلاح مشورا ڪيا ويندا. پهرين مرحلي ۾ نيب بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ايوانن سميت هر جڳهه تي مهم هلائي ويندي.

اسيمبلي ۽ عوامي حلقن ۾ نيب ۽ حڪومت جي ناڪامين کان آگاهه ڪيو ويندو. نيب کي ختم ڪرڻ، 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ جو ايوانن ۾ ڀرپور تحفظ ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔