مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ 17 آگسٽ تائين واڌ

لاهور: مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي  ضمانت واري درخواست تي اڄ ٻڌڻي ٿي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ شهباز شريف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ، ان موقعي تي صدر(ن) ليگ ذاتي حيثيت ۾ پاڻ عدالت ۾ پيش ٿيو.

گذريل ٻڌڻي تي لاهور هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ 23 جولاءِ تائين واڌ ڪئي هئي. شهباز شريف پنهنجي درخواست جي موقف ۾ چيو هو ته 1972ع کان واپاري طور ڪاروبار جي شروعات ڪئي ۽ ايگريڪلچر، شوگر ۽ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

جڏهن ته سماج جي ڀلائي جي لاءِ 1988ع ۾سياست ۾ قدم رکيو. موقف ۾ چيو ويو ته نيب بدنيتي جي بنياد تي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس ٺاهيو آهي ۽ موجوده حڪومت جي سياسي اثر رسوخ سبب نيب جاچ شروع ڪئي آهي.

جاچ ۾ نيب طرفان لڳايل الزام عمومي نوعيت جا آهن. شهباز شريف درخواست ۾ چيو هو ته مني لانڊرنگ جا الزام بي بنياد آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔