حڪومت جي ڪابه پاليسي ناهي، نيب کي مخالفن خلاف هٿيار جيان استعمال ڪيو پيو وڃي: رانا ثناءُالله

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو آهي ته حڪومت وٽ ڪابه پاليسي ناهي هن ملڪ کي دلدل ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب لاهور هاءِڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي رانا ثناءُالله چيو ته حڪومت بدلي جي باهه ۾ سڙي رهي آهي. نيب حڪومت جي هٿ ۾ هڪ هٿيار آهي. جيڪو مخالفن جي خلاف استعمال ٿي رهيو آهي. هي انتقام هاڻ  گهڻي دير تائين نٿو هلي سگهي.

نيب جو قانون انڌو ۽ انتقام تي ٻڌل آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان ثابت ٿي چڪو آهي ته نيب سياسي انجنيئرنگ ڪندڙ ادارو بڻجي چڪو آهي. نيب کي بند ۽ ان جي چيئرمين کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. نيب قانون ۾ ترميم تي رانا ثناءُالله چيو ته مان گذريل ٻن سالن کان ڪمپني جو حصو رهيس حڪومت اسان سان گڏ ويهي نيب قانون ۾ تبديلي تي اتفاق ڪندي آهي ان کان پوءِ هو ڦري ويندا آهن نيب قانون ۾ ترميم تي حڪومت اتفاق ڪيو. فروغ نسيم به ان جو اعتراف ڪيو ته اسان کي اجازت ناهي ملي. (ن) ليگ اڳواڻ چيو ته حڪومت ملڪ کي دلدل ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي. حڪومت وٽ ڪابه پاليسي ناهي. 2 سالن دوران عوام جي زندگي عذاب بڻائي وئي آهي.

ڪورونا وائرس کي ايندي 7 مهينا ٿي ويا پر هي ملڪ جي معيشت کي اڳ ئي ٻوڙي چڪا هئا ڪو به ماڻهو ملڪ ۾ اچڻ لاءِ تيار ناهي. هاڻ حڪومت فنانشل ٽيرر جو قانون آڻي رهي آهي. هاڻ جيڪو شخص ٻاهر پئسا موڪلي اهو دهشتگرد ٻڌايو ويندو. اپوزيشن اتحاد تي رانا ثناءُالله چيو ته  بدلي ۽ نفرت کان سواءِ حڪمرانن وٽ ڪابه پاليسي ناهي. اپوزيشن ۽(ن) ليگ جي ڪوشش آهي ته سمورا اپوزيشن اڳواڻ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي لائحه عمل طئي ڪن ته جيئن حڪمرانن جي نفرت ۽ انتقام مان ڇوٽڪارو ملي سگهي.

اعتزاز احسن طرفان ڪيل تنقيد جي جواب ۾ رانا ثناءُالله چيو ته اعتزاز احسن کي اپوزيشن اتحاد جي خلاف ڳالهيون ڪري ماحول کي خراب نه ڪرڻ گهرجي اعتزاز احسن هڪ سٺو وڪيل ۽ انسان هو، هاڻ اعتزاز احسن جي ذهني حالت صحيح ناهي. کيس پنهنجي علاج تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان جي ذهني علاج جي لاءِ ڊاڪٽر به تجويز ڪري سگهان ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔